ڀارتي نينگر يوٽيوب جي مدد سان ڏوهاري بڻجي ويو

نئين دهلي: ڀارتي نينگر يوٽيوب جي مدد سان ڏوهاري بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست انڌرا پرديش ۾ 17 ورهين جي نينگراي ٽي ايم فراڊ ڪرڻ سکي ورتو جنهن بعد ان نينگراي ٽي ايم ڪارڊز جي مدد سان 10 لک رپين کان وڌيڪ جوفراڊ ڪيو جڏهن ته سندس ان فراڊ جو نشانو اڪثر ڪري وڏي عمر جا ماڻهو بڻجندا رهيا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگر پيرسن ماڻهن جي مدد لاءِ اي ٽي ايم مشينن ٻاهران بيهي رهي ٿو جنهن بعد هو پيرسن ماڻهن کي سندن مدد ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ٿو ۽ پوءِ انهن کان پن نمبر وٺي رقم ڪڍرائي ڏيڻ بعد وڏي چالاڪي سان کين ڊپليڪيٽ ڪارڊ ڏيو ڇڏي جڏهن ته اصل ڪارڊ پاڻ وٽ رکي ڇڏي ٿو. پيرسن ماڻهن جي رواني ٿيڻ بعد نينگراصل ڪارڊ اي ٽي ايم مشين ۾ لڳائي سموري رقم ڪڍرايو وڃي.
نينگر اي ٽي ايم فراڊ مان رقم حاصل ڪرڻ بعد نينگر هوائي جهازن ۾ سفر ڪرڻ ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهڻ شروع ڪري ڏنو. ڪيترن ئي مهينن تائين سندس اهو عمل جاري رهيو جنهن بعد هڪ متاثرپيرسن پوليس وٽ پهچي ويو پيرسن جي شڪايت ملڻ بعد پوليس نينگر کي سي ٽي وي ڪيميرائن ذريعي سڃاڻپ ڪري گرفتارڪيو. پوليس جو چوڻ هو ته نينگر نابالغ آهي انڪري کيس ترپتي جي جووينائل هوم منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔