براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
عليمه خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم
راولپنڊي: راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت صادق آباد ٿاڻي ۾ 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيس ۾ عليمه خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عليمه خان جو وڪيل فيصل ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو. عليمه خان طرفان حاضري کان ڇوٽ…
ڊيزل مهانگو ڪرڻ کان پوءِ حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ به 4 روپيه 92 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو
اسلام آباد: اوگرا گاسليٽ جي قيمت ۾ 4 روپيه 92 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اضافي کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 175 روپيه 80 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي…
سموري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير تي عام موڪل جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد: وفاقي سرڪار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومت يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي 5 فيبروري خميس جي ڏينهن سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن موڪل بابت نوٽيفڪيشن پڻ…
بسنت، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ 54 ڄڻا گرفتار
اسلام آباد: پوليس جنوري مهيني دوران خطرناڪ پتنگ بازي جي سامان خلاف ڪريڪ ڊائون جي سلسلي ۾ 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ۽ 21 هزار کان وڌيڪ لغڙ ۽ ڪيميائي ڏور يعني مانجها ضبط ڪيا، سرڪاري خبر ايجنسي اي پي پي آچر ڏينهن رپورٽ ڪيو.
پتنگ بازي اڪثر ڪري…
ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي جرسي جي رونمائي
لاهور: آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ پاڪستان جي سرڪاري جرسي جي رونمائي ڪئي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آچر تي آسٽريليا خلاف ٽئين ۽ آخري ٽي 20 کان پوءِ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سرڪاري جرسي متعارف…
ڪوئيٽا، ٽرين، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس ٽئين ڏينهن به بند
ڪوئيٽا : ڪوئيٽا کان اندروني ۽ چمن تائين ٽرين سروس ٽئين ڏينهن به معطل آهي.ريلوي اختيارين موجب ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس اڄ ٽئين ڏينهن به رواني نه ٿي سگهي ۽ چمن ويندڙ مسافر ٽرين به اڄ رواني نه ٿي، جنهن ڪري مسافرن کي ڏکيائين کي…
وفاق ۽ ڪي پي ۾دهشتگردي سميت مختلف معاملن ۾ تعاون تي اتفاق
اسلام اباد:پنهنجي پهرين ملاقات ۾ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي سان، وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن تي وفاق ۽ ڪي پي حڪومت جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.
ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي. ملاقات دوران،…
جيڪڏهن ڪا ڊيل نه ٿي ته سچ سامهون اچي ويندو: ٽرمپ
تهران :آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته اسان جلد هڪ معاهدي تي پهچنداسين، جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته پوءِ اسان کي خبر پوندي ته خامنه اي صحيح هو يا نه, فلوريڊا ۾ هڪ ميڊيا انٽرويو ۾ آيت الله خامنه اي جي بيان تي تبصرو ڪندي، صدر…
سون جي قيمت ۾ 21,500 رپيا گهٽتائي
ڪراچي :ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جاري آهي.آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون 21,500 رپيا في تولو سستو ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت گهٽجي 490,362 رپيا ٿي وئي.
بلوچستان، فورسز جو آپريشن، 3 ڏينهن ۾ 177 دهشتگرد مارجي ويا
اسلام آباد :سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن خلاف صفائي جو آپريشن ڪري رهيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات فالو اپ آپريشن دوران 22 وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته گذريل 3 ڏينهن دوران آپريشن ۾ 177…