سموري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير تي عام موڪل جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:   وفاقي سرڪار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

حڪومت يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي 5 فيبروري خميس جي ڏينهن سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن موڪل بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

يوم ڪشمير هر سال پاڪستان ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ  ملهايو ويندو آهي انهي ڏينهن سموري ملڪ ۾ خصوصي تقريبون، سيمينار، ريليون ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي حمايت جو  ارادو ڪري سگهجي.

 

تبصرے بند ہیں۔