بسنت، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ 54 ڄڻا گرفتار

اسلام آباد: پوليس جنوري مهيني دوران خطرناڪ پتنگ بازي جي سامان خلاف ڪريڪ ڊائون جي سلسلي ۾ 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ۽ 21 هزار کان وڌيڪ لغڙ ۽ ڪيميائي ڏور يعني مانجها ضبط ڪيا، سرڪاري خبر ايجنسي اي پي پي آچر ڏينهن رپورٽ ڪيو.
پتنگ بازي اڪثر ڪري سنگين ۽ ڪڏهن ڪڏهن جان ليوا حادثن سان لاڳاپيل هوندي آهي. پتنگ بازي جو ميلو ــ بسنّت ــ پنجاب ۾ 2007ع ۾ ان ڪري بند ڪيو ويو هو، جو تيز ڌار مانجهن سبب موتن ۽ سخت زخمن جا واقعا وڌي ويا هئا، خاص طور تي موٽر سائيڪل سوارن، پوئين سيٽن تي ويٺلن ۽ هوائي فائرنگ سبب.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو حوالو ڏيندي اي پي پي ٻڌايو ته پوليس ٽيمن وفاقي راڄڌاني جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا، جن دوران پتنگ بازي ۽ ان جي واپار سان لاڳاپيل 54 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 11 هزار کان وڌيڪ پتنگون ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ڪيميائي مانجها پڻ هٿ ڪيا ويا.
اي پي پي موجب، “چرخيون ۽ ٻيو لاڳاپيل سامان به جوابدارن وٽان هٿ ڪيو ويو”، ۽ پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.
سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) قاضي علي رضا اي پي پي کي ٻڌايو ته، “پتنگ بازي ڪا بي ضرر وندر ناهي، پر هڪ خطرناڪ عمل آهي، جنهن ڪيترين معصوم زندگين کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ خاص طور تي موٽر سائيڪل سوارن، پيادل هلندڙن ۽ ٻارن کي سخت زخمي ڪيو آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته پتنگن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي مانجها “انساني جان لاءِ انتهائي وڏو خطرو آهن ۽ مستقل معذوري يا موت جو سبب بڻجي سگهن ٿا.”
ايس ايس پي رضا والدين تي زور ڏنو ته هو “پنهنجن ٻارن کي پتنگ بازي جي خطرن ۽ قانوني نتيجن بابت آگاهه ڪن ۽ ذميوار شهري هجڻ جو ڪردار ادا ڪن.”
هن اهو به ٻڌايو ته ان حوالي سان آگاهي مهمون به جاري آهن.
رپورٽ موجب، شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن بابت ايمرجنسي هيلپ لائين پڪار-15 يا ويجهي پوليس اسٽيشن کي اطلاع ڏين.
هي اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن لاهور ۾ 6 فيبروري کان ٽي ڏينهن وارو بسنّت ميلو شروع ٿيڻ وارو آهي، پنجاب حڪومت طرفان 18 سالن کان پوءِ سخت ضابطن سان گڏ هن تاريخي تقريب تان پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڇنڇر ڏينهن راولپنڊي پوليس ٻڌايو ته هنن هڪ مِني ٽرڪ کي روڪي 20 هزار پتنگون ۽ مانجن جا 100 رول ضبط ڪيا ۽ سپلائر کي به گرفتار ڪيو.
اهي پتنگون ڇانوڻي واري شهر ڏانهن موڪلڻ لاءِ هيون، جتي حڪومت پتنگن جي وڪري ۽ اڏام تي پابندي لڳائي آهي.

تبصرے بند ہیں۔