اسلام آباد: اوگرا گاسليٽ جي قيمت ۾ 4 روپيه 92 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اضافي کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 175 روپيه 80 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جون نيون قيمتون پهرين فيبروري کان لاڳو ٿي ويون آهن.
گاسليٽ جي قيمت ۾ اضافي سان ملڪ جي ڏوراهين ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ رهندڙ صارفين تي وڌيڪ بار پوڻ جو امڪان آهي، جتي اڄ به گاسليٽ گهريلو استعمال، روشني ۽ ماني پچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ياد رهي ته انهي کان اڳ حڪومت طرفان ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيه 30 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 268 روپيه 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
توانائي جي ماهرن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو اضافو مهانگائي جي گڏيل شرح تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو ڇو ته ڊيزل، ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو آهي.
عوامي حلقن طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هر ڀيري اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۽ مالياتي دٻاءُ سبب ڪئي پئي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔