اسلام آباد :سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن خلاف صفائي جو آپريشن ڪري رهيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات فالو اپ آپريشن دوران 22 وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته گذريل 3 ڏينهن دوران آپريشن ۾ 177 دهشتگرد مارجي ويا آهن.ذريعن چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس ايجنسيون ۽ پوليس دهشتگردن ۽ سهولتڪارن خلاف گهيرو تنگ ڪري رهيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي وڌيڪ جاني نقصان ۽ موت جا اطلاع پڻ آهن.
اگلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔