راولپنڊي: 9 مئي جي هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن کي سزائون ٻڌايون ويون.
ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، ميان محمودالرشيد، اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اي ٽي سي جج منظر علي گل ڪوٽ لکهپت جيل ۾ فيصلو ٻڌايو.
عدالت 9 مئي جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو. دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ٽرائل ڪيو، 9 مئي تي مغلپوره ۾ پوليس گاڏيون ساڙڻ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو.
دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج منظفر علي گل ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي ڪيس مان بري ڪيو ويو. عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت ميان محمودالرشيد کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت اعجاز چوڌري کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت عمر سرفراز چيمه کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 22 ڏوهارين جي خلاف چالان جمع ڪرايو ويو، ڪيس ۾ پراسيڪيوشن ٽيم جي سمورن 37 گواهن جي بيانن تي جرح مڪمل ٿي. ٽرائل دوران ٻن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. عدالت جوابدار ارباز زمان ۽ الاهي بخش کي اشتهاري قرار ڏنو آهي، عدالت 15 جوابدارن جي حوالي سان فيصلو ٻڌايو.
تبصرے بند ہیں۔