ڪراچي: ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪارروائي ڪندي رينجرز فتنه الخوارج جي گهربل دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان رينجرز ٻڌايو آهي ته گرفتار دهشتگرد جاويد علي خان عرف سواتي، سوات جو رهواسي آهي، جيڪو 2007ع دوران فتنه الخوارج جي فضل الله گروپ ۾ شامل ٿيو هو.ترجمان ٻڌايو ته دهشتگرد شڪردرا ۽ شڪر ڊيري ۾ اسڪولن ۽ پوليس چوکيءَ کي آئي اي ڊي (IED) سان تباهه ڪيو، هو ٿاڻي مٽا تي حملو ڪري سرڪاري اسلحو ڦرڻ ۽ ٿاڻي کي باهه ڏيڻ ۾ پڻ ملوث آهي. ترجمان رينجرز موجب 2008ع ۾ آپريشن دوران دهشتگرد مينگورا ۾ روپوش رهيو ۽ ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو، 2022ع ۾ هن واپس اچي ٻيهر دهشتگردي جون ڪارروايون شروع ڪيون، سندس حملي ۾ 3 شهري شهيد (فوت) ۽ 2 زخمي ٿيا هئا. رينجرز جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته سوات ۾ ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد روپوش ٿيڻ لاءِ ڪراچي منتقل ٿيو، جيڪو وڌيڪ ڪاررواين لاءِ هتي نيٽ ورڪ منظم ڪري رهيو هو. ترجمان رينجرز اهو به ٻڌايو آهي ته دهشتگرد جاويد علي خان عرف سواتي سي ٽي ڊي (CTD) سوات کي گهربل هو، جنهن کي سي ٽي ڊي سوات جي حوالي ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔