اڳوڻو ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽر يو اي اي جي ڊوميسٽڪ ٽيم ۾ شامل ٿي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ وٺندڙ اڳوڻي ڀارتي ٽيسٽ وڪيٽ ڪيپر ڪي ايس بهرت کي يو اي اي (يو اي اِي) جي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر ڪي ايس بهرت کي گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ لاءِ ٽيم ”اسٽالينز“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهو معاملو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بين الاقوامي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. ڪي ايس بهرت 2023 کان 2024 جي وچ ۾ ڀارت پاران 7 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن ۾ هو اڪثر رشبھ پنت جي غير موجودگي ۾ ٽيم جو حصو رهيو. هن انهن 7 ٽيسٽ ميچن ۾ 20.09 جي اوسط سان 221 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سندس سڀ کان وڏو اسڪور 44 رنسون رهيو. کيس فيبروري 2024 کانپوءِ قومي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. ڪي ايس بهرت ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ريٽائرمينٽ جي اعلان ۾ چيو هو ته ڀارت جي نمائندگي ڪرڻ سندس زندگي جو ”سڀ کان وڏو اعزاز“ رهيو آهي، هي سفر مشڪل ضرور هو پر هر لمحو ان لائق هو. ريٽائرمينٽ کان فوري پوءِ کيس يو اي اي ۾ ٿيندڙ ‘ٽو-ڊي (ٻن ڏينهن واري) چيمپئن شپ’ لاءِ ٽيم اسٽالينز ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ان خطي جا بهترين رانديگر شريڪ آهن. هن ٽورنامينٽ جو مقصد طويٰل فارميٽ (ڊگهي فارميٽ واري) ڪرڪيٽ لاءِ رانديگرن جي مهارت ۽ سوچ کي بهتر بڻائڻ آهي. هر ميچ ٻن ڏينهن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ روزاني 80 اوور ڪرايا ويندا، جڏهن ته کٽڻ، 10 وڪيٽن تان فتح يا اننگز جي برتري تي پوائنٽس ڏنا ويندا. ٽورنامينٽ 19 جون کان شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان ۾ مجموعي طور تي 7 ميچون کيڏيون وينديون، جڏهن ته فائنل 4 جولاءِ تي ٿيندو. ڪي ايس بهرت هن ٽورنامينٽ ۾ وڪيٽ ڪيپر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو.

تبصرے بند ہیں۔