صدارتي اعزاز ڏنو ويو ته قبول نه ڪندس: شهزاد نواز

لاهور : پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار شهزاد نواز چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي مستقبل ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس يا ڪو صدارتي اعزاز ڏنو ويو ته مان ان کي قبول نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته منهنجي نظر ۾ ڪيترائي مستحق فنڪار اڄ به ان اعزاز کان محروم آهن.ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري سان سڃاڻپ رکندڙ شهزاد نواز تازو ئي هڪ يوٽيوب چينل تي گفتگو ڪندي صدارتي اعزازن جي ورڇ واري معيار تي کلي ڪري خيالن جو اظهار ڪيو. گفتگو دوران شهزاد نواز چيو ته پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ هينئر تائين اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي ناهي مليو جيڪي حقيقت ۾ ان جا مستحق هئا، اها صرف منهنجي راءِ ناهي پر هڪ حقيقت آهي جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو اعزاز ڏنو ويو ته مان اهو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندس، درحقيقت مان ته اهو به نٿو چاهيان ته منهنجو نالو ان لاءِ نامزد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي قابل ۽ مستحق ماڻهو اڄ ڏينهن تائين ان اعزاز کان محروم آهن. اداڪار جو چوڻ آهي ته منهنجا اخلاقي اصول مون کي اهڙا اعزاز قبول ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين، جڏهن رياست ڪنهن فنڪار کي اعزاز ڏيندي آهي ته اها صرف ان فنکار کي نه پر پاڻ کي به عزت بخشيندي آهي، اهڙا اعزاز ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته ڪنهن معاشري ۾ ميرٽ جو معيار ڇا آهي.

تبصرے بند ہیں۔