آمريڪا ايران ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي، تيل جي قيمتن ۾ لاٿ

نيويارڪ :  آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ اچي وئي آهي. رپورٽن موجب، برينٽ خام تيل جي في بيرل قيمت ۾ هڪ ڊالر کان وڌيڪ جي ڪمي ٿي آهي. برينٽ خام تيل جي في بيرل قيمت 79.44 ڊالر ٿي وئي آهي.واضح رهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا ڳالهين کانپوءِ قطر ۽ پاڪستان گڏيل پڌرنامو (اعلاميو) جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرنامي موجب، ڌرين ڳالهين جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ۽ حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ مئپ منظور ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔