جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس پاڪستان جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.

حلف برداري جر پروقار تقريب سپريم ڪورٽ رجسٽري ڪراچي ۾ منعقد ٿي جتي جسٽس محمد شفيع صديقي انهي کان حلف ورتو.

انهي حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب حلف برداري جي تقريب ۾ وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي ججز شرڪت ڪئي. تقريب جي دوران عدالتي شخصيتون ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون به موجود هيون.

ياد رهي ته چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي پرڏيهي ملڪ موجودگي سبب جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس پاڪستان جا فرض انجام ڏيندو. اهو چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي واپسي تائين اهي ذميواريون نڀائيندو.

پڌرائي موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي 24 کان 26 جون تائين روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل ليگل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.

 

تبصرے بند ہیں۔