ڪراچي: جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ نعيم اختر جي عدالت ۾ منشيات جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس ٻن گرفتار جوابدارن کي پيش ڪيو. پوليس عدالت ۾ سيل بند منشيات جا 3 پيڪٽ پڻ پيش ڪيا. گرفتار جوابدارن ۾ عاقب ۽ غلام عباس شامل آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ انمول عرف پنڪي کي فرار ڄاڻايو ويو آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته انمول عرف پنڪي جي گرفتاري ڇو ظاهر نه ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدار عورت جي گرفتاري اڃا هن ڪيس ۾ شامل نه ڪئي وئي آهي. عدالت هدايت ڪئي ته عاقب ۽ غلام عباس جو سي آر او (ڪرمنل رڪارڊ) چيڪ ڪرايو وڃي ۽ جوابدار عورت جي گرفتاري قانوني اجازت حاصل ڪرڻ بعد ظاهر ڪئي وڃي. جاچ آفيسر جوابدارن جي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن بعد عدالت ٻنهي جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ جي اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
پوليس موجب سائوٿ زون پوليس ٻنهي جوابدارن کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي رائيڊر پنڪي گينگ لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ آن لائين منشيات جي فراهمي ۾ ملوث هئا. عاقب ۽ غلام عباس کي بوٽ بيسن پوليس گرفتار ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔