گلگت: گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 مان 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو. اسپيڪر گلگت بلتستان اسيمبلي نذير احمد ايڊووڪيٽ نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.
پيپلز پارٽي جي 13 ۽ (ن) ليگ جي 9 ميمبرن حلف کنيو جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي 6 ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ ميمبر حلف کنيو. پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد ميمبر به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر جي بي اسيمبلي جو اڄوڪو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، ٻيهر شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائد ايوان جي چونڊ عمل ۾ آندي ويندي.
ياد رهي ته گلگت جي 3 تڪن جو نوٽيفڪيشن عدالتي حڪم تي رڪيل آهي جنهن ۾ اسڪردو جي 1، ديامر جي 2 تڪن جو سرڪاري نوٽيفڪيشن عدالتي حڪم تي روڪڻ تي 3 ميمبر پنهنجي رڪنيت جو حلف نه کڻي سگهيا. ٻئي طرف پيپلز پارٽي امجد حسين ايڊووڪيٽ کي گلگت بلتستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔