براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
آمريڪا پاران 55 ايراني شهري ملڪ بدر ، ايران جي تصديق
واشنگٽن : ايران آمريڪا پاران گرفتار ڪيل 55 ايراني شهرين جي ملڪ بدري جي تصديق ڪئي آهي.ايراني پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪا پاران ملڪ بدر ڪيل 55 ايراني شهري ايندڙ ڏينهن ۾ ايران پهچندا.ايراني عملدارن چيو ته صدر ٽرمپ جي اميگريشن ڪريڪ ڊائون تحت…
پنجاب سي ٽي ڊي پاران ’را‘ لاءِ ڪم ڪندڙ 12 دهشتگرد گرفتار
لاهور:پنجاب جي دهشتگردي کي روڪڻ واري کاتي (سي ٽي ڊي) سومر جي ڏينهن ٻڌايو آهي ته هنن لاهور، فيصل آباد ۽ بهاولپور ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل ڪاررواين دوران 12 شڪي دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن، جيڪي مبينا طور ڀارتي خفيه ايجنسي ’ريسرچ اينالسس ونگ‘…
فيلڊ مارشل عاصم منير کي بطور سي ڊي ايف گارڊ آف آنر پيش
اسلام آباد:ملڪ جي پهرين چيف آف ڊفينس فورسز جي حيثيت سان مقرري کان پوءِ، چيف آف آرمي اسٽاف فِيلڊ مارشل عاصم منير کي سومر ڏينهن راولپنڊي ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪستان ايئر فورس…
ڪراچي: بلاول ڀٽو 35 هين نيشنل گيمز جو افتتاح ڪري ڇڏيو
ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ 35 هين نيشنل گيمز جو افتتاح ڪيو.35 هين نيشنل گيمز ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم نيشنل گيمز جي مشعل روشن ڪئي ۽ جيولين ٿرو جو مظاهرو ڪيو.ڪراچي ۾ نيشنل گيمز جي…
گڏيل رجحان، 100 انڊيڪس ۾ 408 پوائنٽس جو اضافو
ڪراچي :پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران ملا جلا رجحان ڏٺو ويو، 100 انڊيڪس 408 پوائنٽس جي واڌ سان 167,085 پوائنٽس تي بند ٿيو، واپاري هفتي دوران، 100 انڊيڪس 3,402 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، جنهن جي بلند ترين سطح 169,289 ۽…
اسرائيلي حملا جاري، اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهيد
غزهه :اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جاري رکي ٿي، ۽ اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو آهي.عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوجن اولهه ڪناري جي نابلس علائقي ۾ هڪ فلسطيني کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوجن جا ڇاپا جاري…
فوجي ڪارواين ۾ ڀارتي حمايت يافته 9 دهشتگرد مارجي ويا
اسلام آباد: خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج جي ٻن ڌار ڪارروائين جي دوران ڀارتي حمايت يافته تنظيم فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 9 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب ٽانڪ ڊسٽرڪت ۾ گذريل ڏينهن 5 ڊسمبر تي خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز هڪ…
جسٽس ظفر راجپوت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو
ڪراچي: جسٽس ظفر راجپوت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حلف برداري تقريب منعقد ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري انهي کان حلف ورتو.
تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي…
نوازشريف جو سڀني کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ آهي: وزيراعظم
گوجرانواله: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف جو سڀني کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ آهي، پاڪستان جيڪڏهن ايٽمي طاقت نه هجي ها ته هن سال جنگ ۾ حالتون مختلف هجن ها.
گوجرانواله ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز…
پاڪستان لاءِ 381 ملين ڊالر منصوبن جي منظوري
اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ پنجاب ۾ زراعت، تعليم ۽ صحت جي لاءِ 381 ملين ڊالر جي ٽن اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.تفصيل موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تعليم، صحت ۽ زرعي…