اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس ۾ 2700 پوائنٽن جي واڌ

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ايران سان مذاڪرات جي شروعات جي اعلان کانپوءِ اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ڪاروبار دوران زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اگست جي پهرين ڪاروباري ڏينهن جو آغاز مثبت ٿيو ۽ هن وقت 100 انڊيڪس 2708 پوائنٽن جي واڌ سان 178802 تي واپار ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف ايسائي (Asian) اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ مليل جليل لاڙو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. جاپان جو نڪئي (Nikkei) 1.5 سيڪڙو گهٽيو جڏهن ته ڪورين ڪاسپي (Kospi) به 5.25 سيڪڙو گهٽجي ويو. ٻئي طرف هانگ ڪانگ جو هينگ سينگ 0.1 سيڪڙو مثبت آهي.

تبصرے بند ہیں۔