براؤزنگ خاص خبرون
خاص خبرون
ڪورونا ملڪ ۾ وڌيڪ 47 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون
اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪوونا جا وڌيڪ 958 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته 47 ڄڻا هن وبا سبب حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا 19 جا وڌيڪ 958 نوان ڪيس!-->!-->!-->…
سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊ جي لاءِ ووٽنگ شروع
ڪراچي/ڪوئٽا: سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جون 2 جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ضمني چونڊ جي لاءِ چونڊ جو عمل جاري آهي جيڪو شام جو 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي!-->…
پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس کي سپريم ڪورٽ ۾ چلينج ڪري ڇڏيو
اسلام آباد : پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس کي سپريم ڪورٽ ۾ چلينج ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر طرفان وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواستگذار موجب سينيٽ چونڊون آئين موجب ٿيڻ گهرجن، عدالت!-->…
آرمي چيف پاران ٿر جو دورو، فوجي مشق ”جدارالحديد“ جو معائنو ڪيو
راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه ٿر جي علائقي ڇور ۾ ٽريننگ ايريا جو دورو ڪيو
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف علائقي ۾ جاري فوجي مشق ”جدارالحديد“ جو معائنو ڪيو ۽ فارمينشنز جي آپريشنل ۽ جنگي تيارين تي!-->!-->!-->…
چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورا اي سي پي ميمبرز سڀاڻي سپريم ڪورٽ طلب
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي سڀني ميمبرز کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن ڳجهي نموني ٿئي پر شڪايت تي جاچ پڙتال ٿي سگهي، آئين تحت اليڪشن ڪميشن جا اختيار ڪوبه…
سينيٽ چونڊن لاءِ آخري ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ هڪ سئو نامزدگي ڪاغذ جمع
اسلام آباد: سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ آخري ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ هڪ سئو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. پنجاب ۾ 17، سنڌ ۾ 22، خيبر پختونخوا ۾ 30، بلوچستان ۾ 25 ۽ اسلام آباد ۾ 6 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. جنرل سيٽن لاءِ 51،…
صنعتي شعبو ترقي طرف روان دوان آهي، جيڪو سٺو سنوڻ آهي: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 8 مهينن دوران ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 2 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، صنعتي شعبي پاران ترقي ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ لاءِ…
پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن: مريم نواز
لاهور: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ائين نه ٿئي جو سينيٽ چونڊن دوران ئي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ اچي وڃي، پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويا آهن، سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽس ورهائڻ لاءِ عمران خان خلاف سندس ئي…
تيل اگهن ۾ واڌ واري سمري رد، عوام کي رليف لاءِ هر حد تائين وينداسين: وزيراعظم
اسلام آباد: عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان اوگرا طرفان پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سفارش رد ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته عوام جي فلاح کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي آهي، جڏهن ته وزير اعظم…
سينيٽ چونڊن لاءِ اُميداورن جي نامزدگي تي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ اختلاف تيز
ڪراچي: سينيٽ چونڊن لاءِ اُميداورن جي نامزدگي تي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيل اختلاف شدت اختيار ڪري ويا، ڪراچي کانپوءِ سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ به پي ٽي آءِ اڳواڻن سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ اُميدوارن جي نامزدگي تي اعتراض واري ڇڏيا، پي ٽي آءِ لاڙڪاڻو جي…