پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن: مريم نواز

لاهور: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ائين نه ٿئي جو سينيٽ چونڊن دوران ئي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ اچي وڃي، پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويا آهن، سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽس ورهائڻ لاءِ عمران خان خلاف سندس ئي پارٽي مان آواز اچي رهيا آهن، هاڻي ته هڪ پيج وارن به سليڪٽيڊ کي چوڻ شروع ڪيو آهي ته توهان اسان کي خوار ڪري ڇڏيو، پنهنجا معاملا پاڻ سنڀاليو، هڪ پيج وارا به چون ٿا ته اسان ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهي ته توهان ڪهڙي ماڻهو کي سپورٽ ڪيو، جنهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ چونڊن جي ٽڪيٽس معاملي تي پي ٽي آءِ اختلافن جو شڪار ٿي وئي، ائين نه ٿئي جو سينيٽ چونڊن دوران ئي بي اعتمادي رٿ اچي وڃي، پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي رهيا آهن، حڪمران صلاح مشورن ۾ چون ٿا ته مريم نواز کي پرڏيهه اُماڻيو ته مامرا ٺيڪ ٿي ويندا، آئون پرڏيهه نه وينديس، حڪمران پرڏيهه هليا ويندا، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي ڪڏهن به درخواست نه ڏينديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔