سنڌ حڪومت پاران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي مذهبي ڌرين مٿان داخل ڪيس واپس

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مذهبي اجتماعن، جلوس، مجلسن ۽ ريلين تي داخل ڪيس واپس وٺي ڇڏيا. ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي پراسيڪيوٽر جنرل ڪيس واپس وٺڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پراسيڪيوٽر جنرل پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪري چيو ويو آهي ته سمورن ضلعن جا پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالتن مان ڪيس واپس وٺڻ لاءِ فوري طور ڪارروائي ڪن. واضع رهي ته سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مختلف مذهبي ڌرين مٿان مجلسون ۽ مذهبي اجتماع توڙي ريليون منعقد ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔