تيل اگهن ۾ واڌ واري سمري رد، عوام کي رليف لاءِ هر حد تائين وينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان اوگرا طرفان پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سفارش رد ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته عوام جي فلاح کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي آهي، جڏهن ته وزير اعظم جو چوڻ آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين. واضع رهي ته اوگرا طرفان پيٽرول 14 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 13 رپيا، گاسليٽ 10 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جا اگهه 7 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔