سينيٽ چونڊن لاءِ اُميداورن جي نامزدگي تي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ اختلاف تيز

ڪراچي: سينيٽ چونڊن لاءِ اُميداورن جي نامزدگي تي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيل اختلاف شدت اختيار ڪري ويا، ڪراچي کانپوءِ سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ به پي ٽي آءِ اڳواڻن سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ اُميدوارن جي نامزدگي تي اعتراض واري ڇڏيا، پي ٽي آءِ لاڙڪاڻو جي اڳواڻ شاهد رند پي ٽي آءِ اُميدوار سيف الله ابڙو کي حليم عادل شيخ جو فرنٽ مين قرار ڏئي ڇڏيو، شاهد رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سيف الله ابڙو جهڙا ڪرپٽ ماڻهو پئسو ٺاهڻ بعد وفاداريون تبديل ڪندا آهن، حليم عادل ڪرپٽ ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري نظرياتي ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ سکر سيف الله ابڙو کي پ پ جو ويجهو ماڻهو قرار ڏئي ڇڏيو، قيادت کان سيف الله ابڙو جي نامزدگي وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو، عبدالعزيز ابڙو چيو آهي ته فيصلي تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته ڪارڪنن سان گڏجي اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پارٽي اڳواڻن جي اعتراضن تي جواب ڏيندي يو آهي ته ڪجهه ساٿين سينيٽر بڻجڻ پئي چاهيو، سندن خواهش غلط نه آهي، پارٽي ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن، پر سيف الله ابڙو سينيٽ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ٽڪر ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔