صنعتي شعبو ترقي طرف روان دوان آهي، جيڪو سٺو سنوڻ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 8 مهينن دوران ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 2 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، صنعتي شعبي پاران ترقي ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ لاءِ اها سٺي خبر آهي ته صنعتي شعبو مسلسل ترقي طرف روان دوان آهي. وزيراعظم چيو ته ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا ملڪي تاريخ جي رڪارڊ سطح تي آهن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جنوري ۾ ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ 19 سيڪڙو واڌ ٿي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته 8 مهينن دوران ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 2 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙووڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔