ٺٽو واٽر سپلاءِ ڪيس: آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ عبدالغني مجيد پاران اڄوڪي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آصف علي زرداري جو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيتن سبب اڄ پيش نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي. عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب ٻين جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ڪيس جي ٻڌڻي 22 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔