سينيٽ چونڊن لاءِ آخري ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ هڪ سئو نامزدگي ڪاغذ جمع

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ آخري ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ هڪ سئو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. پنجاب ۾ 17، سنڌ ۾ 22، خيبر پختونخوا ۾ 30، بلوچستان ۾ 25 ۽ اسلام آباد ۾ 6 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. جنرل سيٽن لاءِ 51، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ 18، عورتن جي سيٽ لاءِ 24 ۽ اقليتي سيٽن لاءِ 8 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينيٽ اميدوار شام 5 وڳي تائين پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن موجب 20 فيبروري تائين سينيٽ اميدوارن خلاف اپيلون داخل ڪرائي سگهبيون، جيڪي 23 فيبروري تائين اڪلايون وينديون ۽ 24 فيبروري تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب 25 فيبروري تائين اميدوار نامزدگي فارم واپس وٺي سگهندا ۽ سينيٽ چونڊ لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔