وزيراعظم جي نالائقي سبب بيورو ڪريسي پريشان آهي: شازيا مري

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري چيو آهي ته عمران خان جو الميو آهي ته وزيراعظم بڻجڻ باوجود ڪنٽينر تان ناهي لٿو، بيورو ڪريسي کي ڌمڪيون سليڪٽڊ وزيراعظم جي بوکلاهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ شازيه مري چيو ته وزيراعظم جي نالائقي سبب بيورو ڪريسي پريشان آهي، ويچاري بيورو ڪريسي جرمني ۽ جاپان جون سرحدون ڪيئن ملائي. شازيه مري وڌيڪ چيو ته عمران نيازي کي ملڪي معاملا سمجهڻ لاءِ صديون لڳنديون، پنهنجي نالائقي جو اعتراف ڪري ۽ قوم جي جان ڇڏي ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔