نون ليگ پاران وڊيو اسڪينڊل جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: مسلم ليگ نون 2018ع جي سينيٽ چونڊن واري وڊيو اسڪينڊل جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب ٻين تي ووٽ خريد ۽ وڪري جو الزام لڳايو ۽ پنهنجي وڊيو پڪڙي وئي، پارٽي بغاوت عمران صاحب جي اوپن بيلٽ واري شوشي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. مسلم ليگ نون پاران 2018ع جي سينيٽ چونڊن جي حوالي سان جاري ٿيل وڊيو جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ ڪي پي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وڊيو اسڪينڊل جي شفاف نموني جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري. نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب ٻين تي ووٽ خريد ۽ وڪري جو الزام لڳايو ۽ پنهنجي وڊيو پڪڙي وئي، پارٽي بغاوت عمران صاحب جي اوپن بيلٽ واري شوشي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔