ڀارت ۾ هندوتوا نظريو خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو: شاهه محمود قريشي

ڪراچي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ جو ڪارڻ آهي، هندوتوا نظريو خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو،عالمي برادري کي ان حقيقت کي محسوس ڪرڻو پوندو ته ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙي قسم جو فوجي تڪرار خطي لاءِ خطرناڪ آهي، جنهن سان عالمي واپار ۽ امن کي ڇيهو رسي سگهي ٿو، پاڪستان اهم ميري ٽائم اسٽيٽ آهي، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه پاڪستان لاءِ گيم چينجر آهي . ڪراچي ۾ عالمي ميري ٽائيم ڪافرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته، پاڪستان اهم ميري ٽائم اسٽيٽ آهي، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ جو ڪارڻ آهي، هندوتوا نظريو خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو،عالمي برادري کي ان حقيقت کي محسوس ڪرڻو پوندو ته ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙي قسم جو فوجي تڪرار خطي لاءِ خطرناڪ آهي، جنهن سان عالمي واپار ۽ امن کي ڇيهو رسي سگهي ٿو……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔