پي ٽي آءِ اندر سينيٽ چونڊن لاءِ اي ٽي ايمز کٽي ويا ۽ ڪارڪن هارائي ويا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ اندر سينيٽ چونڊن لاءِ اي ٽي ايمز کٽي ويا ۽ ڪارڪن هارائي ويا آهن، پي ٽي آءِ ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي کين بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين تي پورٽ قاسم اٿارٽي جو قبضو آهي، اربن فاريسٽ جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي، پورٽ قاسم اٿارٽي اسان جي ماڻهن کي حراسان ڪيو، زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ ڪم ۾ رنڊڪ وجهندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. ڪراچي ۾ اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ اندر سينيٽ چونڊن لاءِ اي ٽي ايمز کٽي ويا ۽ ڪارڪن هارائي ويا آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ، پي ٽي آءِ ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي کين بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ، سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين تي پورٽ قاسم اٿارٽي جو قبضو آهي، انهن سنڌ جي ٻيٽن تي به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر سنڌ جي عوام کين ناڪام بڻائي ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ، اربن فاريسٽ جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي، پورٽ قاسم اٿارٽي اسان جي ماڻهن کي حراسان ڪيو، زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ ڪم ۾ رنڊڪ وجهندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔