چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورا اي سي پي ميمبرز سڀاڻي سپريم ڪورٽ طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي سڀني ميمبرز کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن ڳجهي نموني ٿئي پر شڪايت تي جاچ پڙتال ٿي سگهي، آئين تحت اليڪشن ڪميشن جا اختيار ڪوبه قانون گهٽائي نٿو سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي آرڊيننس تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي سڀني ميمبرز کي سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي سينيٽ چونڊن ۽ سموري اسڪيم پڻ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اسين چيف اليڪشن ڪمشنر کان ڪجهه سوال ڪرڻ چاهيون ٿا، چونڊون ڳجهي نموني سان ٿين پر شڪايت تي انهن جي جاچ پڙتال ٿي سگهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ڪرپٽ پريڪٽس جي روڪٿام اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته عام چونڊون سيڪرٽ بيلٽ سان ٿين ٿيون پر ڪائونٽر فائلز هجن ٿيون، جڏهن تڪرار ٿيندو آهي ته ڪائونٽر فائلز وٺي سگهجن ٿيون. جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته اليڪشن رولز جي انهن سيڪشنز کان هيٺ به سينيٽ اليڪشن جي ووٽن جي جاچ ٿي سگهي ٿي؟، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 موجب ڪرپٽ پريڪٽس کي روڪڻ جو طريقيڪار ڏنو ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اوهان چوندا سيڪرٽ بيلٽ آهي ۽ اسان جا هٿ ٻڌل آهن، جنهن تي اي سي پي وڪيل چيو ته سيڪريسي آرٽيڪل 226 جو مينڊيٽ آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آئين تحت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي ڪوبه قانون ڪم نٿو ڪري سگهجي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔