ڪٽاس راج مندر جو انتظام پنجاب سرڪار کان وٺي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ حوالي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اويڪيو ٽرسٽ طرفان پاڪستان هندو ڪائونسل کي ڏنل 38 ملين رُپين جَي خرچ جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪرڪ ۾ مندر تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪي پي حڪومت مندر جي نئين سر تعمير لاءِ 20 لک رُپيا جاري ڪيا آهن، پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين رميش ڪمار چيو ته ڪي پي حڪومت پئسا ته رکيا، پر سرزمين تي ڪجهه به ناهي ٿيو، سپريم ڪورٽ ڪٽاس راج مندر جا انتظام پنجاب سرڪار کان وٺي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته وفاقي سرڪار ڪٽاس راج مندر جا انتظام ٻن هفتن اندر اويڪيو ٽرسٽ بورڊ حوالي ڪرڻ کي يقيني بڻائي، عدالت طرفان سيڪريٽري پنجاب جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته خط و ڪتاب ڪرڻ سيڪريٽري نه، پر ڪلارڪ جو ڪم آهي، هاڻي سئو سال پُراڻو دور نه آهي جو خط لکي ويهي رهون، عدالت پنجاب ۾ پرلاب مندر جي بحالي سيڪيورٽي وارن حڪمن تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔