سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊ جي لاءِ ووٽنگ شروع

ڪراچي/ڪوئٽا: سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جون 2 جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ضمني چونڊ جي لاءِ چونڊ جو عمل جاري آهي جيڪو شام جو 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. اميدوارن طرفان ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ جو عمل سست هجڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن پر اڃان تائين ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي اطلاع ناهي ملي.

پي ايس 88 ملير: 2

ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 88 ملير 2 گلستان جوهر، ايئرپورٽ، سچل، ملير سٽي، ملير ڪينٽ ۽ ميمڻ ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن تي ٻڌل آهي. ان تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ هڪ لک 45 هزار 627 آهي. هي سيٽ پيپلز پارٽي جي غلام مرتضي بلوچ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. هن سيٽ تي پيپلز پارٽي جو يوسف بلوچ، تحريڪ انصاف جو جان شير جوڻيجو ۽ ايم ڪيو ايم جي ساجد احمد سميت ٻيا آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن پر اصل مقابلو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي.

پي ايس 43 سانگهڙ:

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 43 ۾ ووٽرز جو ٽوٽل انگ هڪ لک 57 هزار 210 آهي. هي سيٽ پيپلز پارٽي جي ڄام مدد علي جي لاڏاڻي تي خالي ٿي هئي. هن سيٽ تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ گڏيل طور تي 7 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن پر اصل مقابلو پيپلز پارٽي جي ڄام شير علي ۽ تحريڪ انصاف جي مشتاق جوڻيجو جي وچ ۾ آهي.

پي پي 20 پشين:

2018 جي عام چونڊن ۾ بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي پي 20 پشين 3 مان جي يو آءِ(ف) جو سيد فضل آغا چونڊجيو هو. پر ان جي لاڏاڻي سبب هي سيٽ خالي ٿي هئي. جي يو آءِ(ف) جي اميدوار سيد عزيز الله، آغا ۽ حڪمران پارٽي بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار عصمت الله ترين جي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔