ڪورونا ملڪ ۾ وڌيڪ 47 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪوونا جا وڌيڪ 958 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته 47 ڄڻا هن وبا سبب حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا 19 جا وڌيڪ 958 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل متاثر مريضن جو گڏيل انگ  5 لک 64 هزار 77 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 2 لک 53 هزار 762، پنجاب ۾ هڪ لک 64 هزار 268، خيبرپختونخڳواهه ۾ 69 هزار 990، بلوچستان ۾ 18 هزار 942، اسلام آباد ۾ 42 هزار 688، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 487 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 940 مريض ڪورونا مان متاثر ٿي چڪا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جا 5 لک 25 هزار 997 گڏيل مريض هن وبا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته فعال مريضن جو انگ 25 هزار  383 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 47 مريض فوت ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح ڪورونا سبب هينئر تائين ملڪ ۾ 12 هزار 380 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.

ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن. جتي 5 هزار 51 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.  جڏهن ته سنڌ ۾ 4 هزار 219، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 995، اسلام آباد ۾ 486، گلگت بلتستان ۾ 102، بلوچستان ۾ 199 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 281 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔