دنيا ۾ ڪرپشن جي سرجري جو مڃيل ڊاڪٽر عمران خان آهي: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته دنيا ۾ ڪرپشن جي سرجري جو مڃيل ڊاڪٽر عمران خان آهي. پر پهريان خبر پوي ته مريم نواز جي ڪهڙي سرجري ٿي آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعوان چيو آهي ته اپوزيشن کي سينيٽ ۾ شڪست جا آثار نظر اچي رهيا آهن. شاهي خاندان هميشه ڀڄڻ جي لاءِ جعلي رپورٽن جو بهانو ڳوليو.(ن) ليگ جا باغي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته عمران خان ڪرپٽ عناصرن جي سرجري جو فيصلو ڪيو ته اپوزيشن جي بيمارين ۾ اضافو ٿيو. دنيا ۾ ڪرپشن جي سرجري جو مڃيل داڪٽر عمران خان آهي. پهريان خبر پوي ته مريم نواز جي ڪهڙي سرجري ٿي آهي هو ڀڄڻ جا بهانا ڳولي رهي آهي. مريم نوازجي سرجري دماغ جي ٿيندي آهي يا ان اکين جي جنهن کي ميڙ ڏسڻو هو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي دلچسپ آهي. ان جي تجويز ۽ حمايت ڪندڙ ٻئي اڳوڻا وزيراعظم نيب وٽ گهربل آهن. انگ گهٽ هجڻ جي باوجود يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي جو مطلب پئسي جو استعمال آهي. پر چمڪ ۽ بريف ڪيس عمران خان جي حوصلي کي شڪست نٿا ڏئي سگهن.

فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد ميڊيا جو ڊارلنگ آهي، ان جي بيان جي پٺيان ڪو نه ڪو منطق ضرور هوندو آهي. ڳوڙها آڻيندڙ گيس وارو بيان ٻڌو ناهي ان لاءِ ان تي تبصرو نٿي ڪرڻ چاهيان. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔