ڪانگو ۾ مسافرن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي، 60 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪنشاسا: آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ ڪيترن ئي مسافرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ٻڏي وئي

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪانگو جي دريا ۾ تقريبن 700 ماڻهن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي رات جي وقت حادثي جو شڪار ٿي ٻڏي وئي جنهن کانپوءِ 60 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.

عملدارن موجب ٻيڙي جي حادثي ۾ 300 ڄڻن جي زندگي بچي وئي آهي جڏهن ته 240 ڄڻن جي باري ۾ تصديقي معلومات نه ملي سگهي آهي جڏهن ته عملدارن حادثي جا سبب ۽ ٻيا تفصيل به نه ڏنا.

ياد رهي ته ڪانگو ۾ دريا جو سفر عام جام آهي، ڏوراهين علائقن لاءِ هتي گهڻو ڪري دريائي سفر کي ترجيح ڏني ويندي آهي جنهن ڪري هتي اهڙي قسم جا حادثا اڪثر ٿيندا رهندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔