اي سي ايل ۾ نالو هجڻ سبب نوازشريف جو پاسپورٽ رِي نيو نه ڪيو ويندو: شيخ رشيد

اسلام آباد: آصف زرداري ووٽ جي خريداري ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، پر هن ڀيري کيس ناڪامي نصيب ٿيندي، 3 مارچ تي ڪوبه سرپرائيز نه ملندو، سينيٽ چونڊن ۾ عمران خان ئي ڪامياب ٿيندو، هڪ ڀيرو ومڪاجي ويل ماڻهو هر هر وڪرو ٿيندو آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي سڪون اچي ويندو ۽ افواهن جي بازار ٿڌي ٿي ويندي، نواز شريف جي پاسپورٽ جو مُدو اڄ رات کان ختم ٿي رهيو آهي، نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ گهري ٿو ته 72 اندر درخواست ڏئي، کيس سفري سرٽيفڪيٽ جاري ڪنداسين، اي سي ايل ۾ نالو هجڻ سبب سندس پاسپورٽ رِي نيو نه ڪيو ويندو، پي ڊي ايم جي لانگ مارچ دوران قانون هٿ ۾ نه کنيو ويو ته رڪاوٽون پيدا نه ڪنداسين، پي ڊي ايم کي مشورو ڏيان ٿو ته رمضان شريف کانپوءِ لانگ مارچ ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔