گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال جاري،ڪنٽينر ڦاسي ويا، اربين جو نقصان

ڪراچي: ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال اٺين ڏينهن به جاري رهڻ سبب ڪراچي پورٽ ڪنٽينرز سان ڀرجي وئي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ سامان جي فراهمي سخت متاثر ٿي رهي آهي.ٽرانسپورٽرز موجب روزانو بندرگاهن مان نڪرندڙ لڳ ڀڳ 10 هزار ڪنٽينر هڙتال سبب بيهجي ويا آهن. اٺن ڏينهن جي هن هڙتال جي ڪري ملڪي معيشت کي هن وقت تائين 50 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي.

تبصرے بند ہیں۔