آرمي چيف پاران ٿر جو دورو، فوجي مشق ”جدارالحديد“ جو معائنو ڪيو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه ٿر جي علائقي ڇور ۾ ٽريننگ ايريا جو دورو ڪيو

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف علائقي ۾ جاري فوجي مشق ”جدارالحديد“ جو معائنو ڪيو ۽ فارمينشنز جي آپريشنل ۽ جنگي تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف مشق جي اعليٰ معيار جي تعريف ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته امن جي وقت سخت تربيت ۽ آپريشنل تياريون ئي امن جي ضمانت آهن.

آءِ ايس پي آر موجب ۾ فارميشنز جي صحرا ۾ آپريشنل تيارين کي ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي ۽ مشق ۾ شريڪ فوجي جوان گذريل ٻن هفتن کان سخت ماحول ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔