انسٽاگرام تمام جلد ڪيترن ئي ماڻهن جي لائيو اسٽريمنگ شروع ڪندو

لاهور: انسٽاگرام اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ هي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي لائيو اسٽريمنگ سهوليت پيش ڪري رهيو آهي.ڪمپني جي سربراهه ايڊ ميسوري چيو آهي ته تمام جلد اسان جو پليٽ فارم چئن ماڻهن(هڪ ميزبان ۽ 3 مهمان) جي وچ ۾ لائيو اسٽريمنگ جي سهوليت پيش ڪندو. بيان موجب هي مڪمل طور تي لائيو وڊيو سهوليت هوندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ايڊم چيو آهي ته هي انسٽاگرام جو هڪ نئون ورزن آهي پر ايترو به نئون نه آهي. ان جو اشارو ان ٽيسٽنگ جي طرف آهي جيڪا ڊسمبر 2020 کان انڊيا ۾ ڪئي پئي وڃي.انسٽاگرام موجب ڀارتي مارڪيٽ ۾ ان جي پليٽ فارم تي ان آپشن جي گهرج ڪئي پئي وڃي. ان جو سبب تڪ ٽاڪ تي لڳايل پابندي آهي ۽ انسٽاگرام به ان مان فائدو کڻي ڀارت ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ چاهي ٿو. پر ڀارتي لائيو اسٽريمنگ ۾ دلچسپي رکن ٿا. ڪجهه تجزيه ڪارن موجب 2020 ۾ صرف ڀارت ۾ انسٽاگرام جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو واڌ ٿي آهي پر هاڻ هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي لائيو اسٽريمنگ سان هي دائرو وڌيڪ پکڙجي ويندو.هن وقت انسٽاگرام تي ٻه ماڻهو ئي لائيو ٿي ڳالهيون ڪري سگهن ٿا ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ چار ماڻهو حقيقي وقت ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔