مالڪ جي وصيت سبب ڪتو ڪروڙ پتي بڻجي ويو

واشنگتن: آمريڪا ۾ هڪ واپاري مرڻ کان اڳ پنهنجي لاڏلي ڪتي جي سار سنڀال جي لاءِ 50 لک ڊالر(تقريبن 8 ڪروڙ روپيه پاڪستاني) ان جي نالي ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب آمريڪي رياس ٽينيسي ۾ گذريل سال 84 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويل هڪ واپاري فوتگي کان اڳ 50 لک ڊالر جي رقم پنهنجي ڪتي جي نالي ڪري ڇڏي هئي ته جيئن ان کان پوءِ ڪتي جي سار سنڀال ۾ ڪابه گهٽتائي نه اچي سگهي.بارڊر ڪولي نسل جو هي 9 ساله ڪتو پنهنجي مالڪ جي مرڻ کان پوءِ ان جي وصيت سبب عيش عشرت واري زندگي گذاري رهيو آهي. پنهنجي وصيت ۾ آمريڪي واپاري پنهنجي 88 ساله پاڙيسري عورت کي ڪتي جو نگران مقرر ڪيو هو ۽ وصيت جي تحت ان کي هر مهيني هڪ معقول رقم ڪتي جي خرچ جي لاءِ ملندي آهي عورت جو چوڻ آهي ته مون کي ڪتي جو نگران بنجڻ تي خوشي آهي هي هڪ انتهائي پيارو ڪتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔