اسلام آباد: ناڻي واري وزارت چيو آهي ته وفاق خيبرپختونخواهه حڪومت کي 15 سالن ۾ 8.404 ارب روپيه ادا ڪري چڪو آهي.ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب خيبرپختونخواهه کي 2010 کان نومبر 2025 تائين وفاق کان 8.4 کرب روپيه ملي چڪا آهن.ناڻي واري وزارت موجب اين ايف سي ايوارڊ جي تحت خيبرپخونخواهه کي 5.867 ارب روپيه منتقل ڪيا ويا. 17 ڊسمبر تي خيبرپختونخواهه حڪومت کي اين ايف سي جي مد ۾ 46.44 ارب روپيه جاري ڪيا ويا.2010 کان دهشتگردي جي اضافي بار تي خيبرپختونخواهه حڪومت کي اضافي 1 سيڪڙو مليو، خيبرپختونخواهه حڪومت کي هينئر تائين 785 ارب روپيه ڏنا ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔