بي بي ايل، بابر جي ٽيم جي شاداب وارن کي شڪست

ڪراچي: آسٽريليا ۾ جاري بگ بيش ليگ ۾ ڇنڇر تي سڊني سڪسر ۽ سڊني ٿنڊرز جو ميچ ٿيو جيڪو 47 رنز تان سڊني سڪسر کٽي ورتو. سڊني سڪسر جي اوپننگ ڊينئل هيوجز ۽ بابر اعظم ڪئي، ڊينئل 25 رنسون ٺاهي بولڊ ٿيو، بابر اعظم 42 بالن تي 2 ڇڪا ۽ پنج چوڪا هڻي 58 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. سڊني سڪسر جو وڏو اسڪور ون ڊائون ايندڙ وڪٽ ڪيپر بيٽسمين جوش فلپس ٺاهيو جنهن 4 ڇڪن، 6 چوڪن جي مدد سان 57 بالن تي 96 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. بابر اعظم جي ٽيم5 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهيون. سڊني ٿنڊر ۾ شاداب خان شامل آهي جنهن 3 اوورن ۾ 33 رنسون ڏنيون ۽ کيس ڪا وڪيٽ نه ملي پر هن 31 بالن تي 41 رنسون ٺاهي سيڪنڊ ٽاپ اسڪورر رهيو.

تبصرے بند ہیں۔