سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن جو احتجاج، حڪومتي ميمبرن کي ايوارڊ ۽ آزادي ڏينهن جي اشتهار مان قائداعظم جي تصوير غائب

اسلام آباد: سينيٽ اجلاس دوران چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني چيو ته ميمبرن کي 14 آگسٽ ۽ 26 مارچ تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته اسحاق ڊار، محسن نقوي، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، فيصل سبزاوري، شيري رحمان، سينيٽر بشريٰ انجم ۽ احد چيمه کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن⁠ته عرفان صديقي ۽ سرمد علي کي به سول ايوارڊ 23 مارچ تي ڏنا ويندا.

چيئرمين جي ڳالهه تي اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ اهو سوال ڪيو ويو، ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي بنياد تي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته عمران خان اقوام متحده ۾ ناموس رسالت لاءِ آواز اٿاري، جنهن جي نتيجي ۾ اقوام متحده اسلام دشمني خلاف ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو، اهو سندس وڏي جدوجهد جو نتيجو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آزادي ڏينهن جي اشتهار ۾ سڄي ٽبر جون تصويرون هيون پر قائداعظم جي نه، جيڪو شرمناڪ قدم آهي، اسان وضاحت ٿا گهرون ته آخر قائداعظم جي تصوير ڇو هٽائي وئي، جڏهن ⁠ته اهو اشتهار عوام جي ٽيڪس واري پئسي سان تيار ڪيو ويو.

سينيٽر فيصل جاويد چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته حڪومت کان ان بابت وضاحت طلب ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔