سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ تي اختلاف 26 هين ترميم واري ڪيس بابت وڏي رٿ پيش، سپريم ڪورٽ رولز 2025 جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججن سان ٿيل اصل مواد موجب، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي گذريل سال هڪ ڪميٽي جي ان فيصلي کي نظرانداز ڪيو، جنهن ۾ آئين جي 26 هين ترميم کي چيلنج ڪندڙ ڪيسن کي فل ڪورٽ آڏو رکڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

چيف جسٽس موقف اختيار ڪيو ته اهڙو قدم ججن جي وچ ۾ گهربل گڏيل سهڪار کي متاثر ڪري سگهي ٿو، ۽ عدالت کي عوامي تبصرن جو منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جيئن اڳ به ٿي چڪو آهي، هي ڪميٽي 31 آڪٽوبر 2024 تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ (2023-PPA) تحت سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جي صدارت ۾ ملي هئي، جواب ۾، چيف جسٽس چيو ته کيس فل ڪورٽ ٻڌڻي گهرائڻ مناسب نه لڳو، ۽ اهو به ٻڌايو ته کيس ٻنهي سينيئر ججن جا خط دير سان موصول ٿيا، هن وضاحت ڪئي ته کيس مجبورن ڪميٽي جو فيصلو ۽ پنهنجو جواب مہر بند لفافن ۾ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (JCP) جي سيڪريٽري حوالي ڪرڻو پيو، جيئن اهو 5 نومبر 2024 جي اجلاس ۾ پيش ٿي سگهي.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هو (JCP) کان درخواست ڪندو ته 26 هين ترميم جي ڪيسن لاءِ آئيني بينچ ۾ وڌيڪ جج شامل ڪيا وڃن، ڇو ته (PPA) تحت بينچ ٺاهڻ يا فل ڪورٽ جوڙي ڏيڻ آئين جي باب جي ڀڃڪڙي هوندي

هن چيو ته آرٽيڪل 184 تحت درخواستن جي ٻڌڻي جو دائرو آئين ۾ واضح آهي، ۽ اهڙيون درخواستون رڳو آئيني بينچ جي دائري ۾ اچن ٿيون، نه (PPA) ڪميٽي جي سندس چوڻ مطابق، سپريم ڪورٽ جي 13 ججن مان 9 ججن به ان ڳالهه سان متفق هئا، ته 26 هين ترميم وارا ڪيس فل ڪورٽ بدران آئيني بينچ ٻڌي، ٻئي پاسي 20 مئي 2025 جي فيصلن جو لکيل رڪارڊ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ڪامياب جي صلاح مشوري تي زور ڏنو، جيڪو هن (PPA) جو بنيادي مقصد قرار ڏنو، ۽ تجويز ڏني ته هنگامي حالتن لاءِ مستقل حل ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ رولز 2025 جاري ڪيا، جيڪي 1980 وارن ضابطن جي جاءِ وٺندا، نون ضابطن جو مقصد عدالت جي ڪارروائي کي جديد قانوني، آئيني ۽ فني ضرورتن سان ميل کائيندڙ آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٺهيل ڪميٽي ۾ جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عرفان سعادت خان، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيـل احمد عباسي شامل هئا، ڪميٽي وڪيلن جي تنظيمن سان مشوري بعد فل ڪورٽ آڏو رکيو، جيڪو غور بعد منظور ڪيو ويو.

رولز ۾ وڏيون تبديليون هيون، سڀ درخواستون ۽ پيپر بُڪس اليڪٽرانڪ طريقي سان جمع ڪرائڻا پوندا، نوٽيس، حڪم ناما ۽ تصديق ٿيل ڪاپيون ڊجيٽل جاري ٿينديون، دليل ۽ حلف ناما وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿي سگهندا، عدالت جي فيسن ۾ ڪيترن ڏهاڪن بعد تبديلي، فوجداري ۽ هيبيئس ڪارپس درخواستن لاءِ فيس کان ڇوٽ۔

سزائي موت جي ڪيسن ۾ رجسٽرار کي رياستي خرچ تي وڪيل مقرر ڪرڻ جو اختيار، آرٽيڪل 184(3) ۽ توهين عدالت ڪيسن ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل جو نئون نظام، نظرثاني درخواست رڳو هڪ ڀيرو داخل ٿي سگهندي، بيجا درخواست تي ڏنڊ، عبوري حڪمن تي اپيل گهٽ ۾ گهٽ ٻه جج ٻڌندا.

اهي ضابطا عدالت جي ڪارروائي کي تيز، شفاف ۽ جديد گهربلون سان لاڳاپيل بڻائڻ لاءِ اهم قدم ڏٺا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔