لاهور: پاڪستان جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر غازي غوري جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪارڪردگي (پرفارمنس) سان ٽيم کي فائدو ٿيندو آهي ته ان سان اعتماد ۾ واڌ ايندي آهي. ائين ناهي ته مان محمد رضوان جي جڳهه وٺي رهيو آهيان، هو ئي پهرين پسند (فرسٽ چوائس) آهي، مونکي موقعو مليو آهي ۽ مان ان موقعي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.لاهور ۾ پريڪٽس سيشن دوران ميڊيا سان گفتگو ڪندي پاڪستان جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر غازي غوري جو چوڻ هو ته کيس قومي ٽيم ۾ اچڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن مان هو ڀرپور فائدو اٿارڻ چاهيندو. سندس چوڻ هو ته بابر اعظم جهڙي رانديگر سان گڏ بيٽنگ ڪرڻ سان ڪو به دٻاءُ نه هوندو آهي، بلڪه ان سان حوصلو ۽ اعتماد ملندو آهي. غازي غوري چيو ته مونکي صرف اهو چيو ويو هو ته وڪيٽ تي بيهڻو آهي ڇو ته رنز جي ضرورت ناهي، مان هميشه پنهنجي ڪميون دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هن چيو ته اڃا تائين منهنجو ڪو به آئيڊيل ناهي، منهنجو ڪم اهو آهي ته جتي به منهنجي ضرورت هجي، اتي بيٽنگ ڪريان. هن وڌيڪ چيو ته مان محمد رضوان جي جڳهه نه پيو وٺان، هو ئي پهرين پسند آهي، مونکي موقعو مليو آهي ۽ مان ان مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ان کان علاوه غازي غوري چيو ته آسٽريليا جي ٽيم وٽ چاهي سينيئر رانديگر نه هجن، پر اها هميشه ڪم بيڪ (باؤنس بيڪ) ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. واضح رهي ته ٽن هڪ روزه ميچن جي سيريز جي پهرين مقابلي ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪٽن تان شڪست ڏني هئي. پاڪستان آسٽريليا پاران ڏنل 201 رنز جو هدف 43 هين اوور ۾ 5 وڪٽن جي نقصان تي پورو ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان پاران بابر اعظم 69 ۽ غازي غوري 65 رنز ٺاهي نمايان رهيا هئا.
تبصرے بند ہیں۔