اسلام آباد ۾ مارڪيٽون ۽ مال رات جو 8 بجي بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد ۾ اڄ کان مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات جو 8 وڳي بند ٿيندا، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور ۽ اسپتالون هن پابنديءَ کان آزاد هوندا. نوٽيفڪيشن موجب، اهي نيون پابنديون پهرين جون 2026ع کان لاڳو ٿي ويون آهن. فارميسيون، اسپتالون ۽ ميڊيڪل اسٽور هن پابنديءَ مان مستثنيٰ (آزاد) هوندا.حڪمنامي موجب، پيٽرول پمپس ۽ سي اين جي اسٽيشنز معمول موجب کليل رهندا، جڏهن ته ريسٽورنٽ، فوڊ آئوٽ ليٽس، تندور، ڪريانا (پرچون)، سبزي، ميوي ۽ بيڪري جا دڪان به رات جو 10 وڳي بند ڪيا ويندا. ان کان علاوه شادي هالز ۽ مارڪيز کي به رات جو 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔