ڪراچي : ڪراچي جي شارع فيصل تي اڄ کان لين جي خلاف ورزي تي اي چالان (اِي چالان) ڪيو ويندو.ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب، شهرين کي گذارش آهي ته سموريون گاڏيون پنهنجي پنهنجي لين ۾ هلايون وڃن، موٽرسائيڪل، بسون ۽ ڪارون لين جي پابندي ڪن. ٽريفڪ پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ آگاهي مهم پڻ هلائي وئي هئي، جڏهن ته شهرين کي پاڻ به ذميواريءَ جو احساس ڪرڻ گهرجي. ترجمان ٽريفڪ پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي طور تي صرف شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اي چالان ڪيو پيو وڃي، مستقبل ۾ ان جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندي شهر جي ٻين وڏن رستن تي به اهو قانون لاڳو ڪيو ويندو. ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته اهڙن قدمن سان نه صرف ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿيندي پر حادثن کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي.
تبصرے بند ہیں۔