گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان آمريڪي نمائندن جي ملاقات، دهشتگردي ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالھ ٻولهه

اسلام آباد: وفاقي وزير داخلا محسن نقوي سان آمريڪي ڪوآرڊينيٽر براءِ دهشتگردي مخالف، گريگوري لوگرفو، ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم معاملن تي راضي ڪيو ويو، ملاقات ۾ وزير مملڪت براءِ داخلا طلال چوڌري، قائم مقام آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ۽ وفاقي سيڪريٽري داخلا پڻ موجود هئا.

آمريڪي نمائندي پاران پاڪستان جي 78 هين يوم آزادي تي وزير داخلا محسن نقوي ۽ پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي، ملاقات دوران پاڪستان – آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي جي روڪٿام، سرحدي سلامتي، منشيات جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويو، ٻنهي طرفن کان دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبي ۾ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به رضامندي ظاهر ڪئي.

ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ غير معمولي سڌارو آيو آهي، آمريڪي صدر جون عالمي امن لاءِ ڪوششون قابل تعريف آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان – آمريڪا لاڳاپن ۾ اعتماد ۽ تعاون نمايان آهي، ۽ اهو بهترين موقعو آهي، ته هر شعبي ۾ گڏيل تعلقات کي وڌايو وڃي. محسن نقوي موجب دهشتگردي مخالف سان گڏيل لائحه عمل ٺاهڻ ۾ مدد ملندي، آمريڪا پاران ڪالعدم بي ايل اي ۽ ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي عالمي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ سٺو قدم آهي، جنهن سان گڏيل ڪوششن جا بهترنتيجا نڪرندا.

آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو چيو ته پاڪستان جيو اسٽرٽيجڪ لحاظ سان انتهائي اهم ملڪ آهي، هن دهشتگرد حملا ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار به ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔