گڏيل اجلاس کي صدر زرداري جو خطاب ،اپوزيشن جو احتجاج،نعريبازي

اسلام آباد : نئين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪيو. صدر زرداري پنهنجي خطاب ۾ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کان علاوه ترڪي، گڏيل عرب امارات، آذربائيجان، فلسطين، جرمني، فرانس ۽ عراق جا سفير به اجلاس ۾ شريڪ هئا،سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي پڻ پارليامينٽ ۾ موجود هئا، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان پڻ مهمانن جي گيلري ۾ موجود هو، اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري جي تقرير دوران پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جي ميمبرن پاران سخت نعري بازي ڪئي وئي ۽ پاڻي مسئلي تي مسلسل احتجاج ڪيو ويو ، جنهن ڪري ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو ..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔