سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان: صدر آصف زرداري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه هڪ طرفي پاليسيون وفاق تي سخت دٻاءُ پيدا ڪري رهيون آهن. صدر جي حيثيت سان، هو سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪينال ڪڍڻ جي هڪ طرفي حڪومتي فيصلي جي حمايت نٿو ڪري سگهي.پارلياماني سال جي شروعات ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي، صدر پارليامينٽ جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي قومي مفاد کي سڀني کان مٿانهون رکن ۽ ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي هڪ طرف رکندي معيشت جي بحالي، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.صدر آصف زرداري، اپوزيشن جي گوڙ دوران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته صدر جي حيثيت سان، هڪ محب وطن پاڪستاني جي حيثيت سان، اهو منهنجي ذميواري آهي ته مان ايوان ۽ حڪومت کي خبردار ڪريان، صدرآصف علي زرداري تڪراري ڪئنالنن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته محب وطن پاڪستاني جي حيثيت ۾ هو اهڙي تڪراري رٿا جي حمايت نٿو ڪري سگهي، صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دوران تڪراري ڪينالن واري رٿا جي مخالفت ڪري ڇڏي ڪندي چيو ته محب وطن پاڪستاني طور ذميواري آهي ته توهان کي خبردار ڪريان، هن چيو ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي دٻاءَ جو سبب پيون بڻجن ، سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه جي سسٽم مان ڪينال ڪڍڻ اهڙو هڪ طرفو فيصلو آهي، ان تجويز جي صدر طور حمايت نه ٿو ڪري سگهان، صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته حڪومت کي درخواست ڪيان ٿو ته اها هن تجويز کي واپس وٺي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔