بنون : بنون ۽ ان جي آسپاس گذريل 24 ڪلاڪن دوران فائرنگ جي مختلف جهرڙن ۾ ڀارتي پراڪسي “فتنه الخوارج” جا 24 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. آئي ايس پي آر (ISPR) موجب، اهي دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. بنون ۾ تازو ئي ٿيل دهشتگرد حملن ۽ آپگهاتي (خودڪش) دھماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز شروع ڪري ڏنا آهن ۽ هي دهشتگردي خلاف ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رهنديون.
تبصرے بند ہیں۔